چاڪر خان سهرياڻي

چاڪر خان سهرياڻي: خان سهرياڻي'>چاڪر خان سهرياڻي، پنهنجي دؤر جي قداور شخصيت ٿي گذريو آهي. هيءُ سهرياڻي قبيلي جو سردار هو. ڪنڌڪوٽ شهر جو هڪ حصو سندس ننڍي ڀاءُ مرزا خان جي نالي تي مرزانپوري ڪوٺجي ٿو. مير چاڪر خان جو ڳوٺ ڪنڌڪوٽ کان ڪجهه پنڌ تي چاڪرآباد جي نالي سان آباد آهي. هن سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. ننڍي ڄمار ۾ لوڪلبورڊ جي ميمبريءَ لاءِ چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ ڪامياب ٿيو. لوڪلبورڊ جو ميمبر ٿيڻ بعد هن تعليم تي خاص ڌيان ڏنو. ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي گڏجاڻين ۾ ميرچاڪر خان سهرياڻيءَ جي انهيءَ جذبي جي تائيد ڪندي متفق راءِ سان سڀني ميمبرن، مير چاڪر خان کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو وائس چيئرمئن چونڊيو. ان کان سواءِ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ڪاميٽيءَ جو کيس صدر چونڊيو ويو. ان دوران جيڪب آباد شهر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قائم ٿيو، جنهن ۾ گهڻو ڪري مقامي شهري شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهندا هئا. ان لاءِ هن زميندارن کان چندو ڪري، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پاران، بورڊنگ هائوس تعمير ڪرايو ۽ ٻاهرين ڳوٺن ۽ شهرن جي شاگردن کي رهائش جون سهولتون مهيا ڪرائي، ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو. لوڪلبورڊ پاران جيڪب آباد ضلعي ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرائڻ ۽ مدرسا کولرائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان رهيو. ان وقت تعليم جو بندوبست ميونسپل ڪميٽيءَ ۽ لوڪل بورڊ جي ذمي هيٺ هوندو هو. تنهنڪري ضلعي اندر تعليم جي اوسر ۾ ميرچاڪر خان بنيادي ڪردار ادا ڪيو. تعليمي ادارا قائم ڪرائڻ کان سواءِ مير چاڪر خان غريب شاگردن لاءِ وظيفا به جاري ڪرايا. جڏهن ڪراچي شهر تعمير ٿيو ته ان ۾ به مير چاڪر خان سهرياڻيءَ جو ڪردار رهيو ۽ ان جي تعمير لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ ۾ به سر ٽوڙ ڪوششون ورتائين. سندس نالو جناح ڪورٽس هاسٽل ۾ لڳل ڪتبي تي ٻين سان گڏ درج آهي. ميرچاڪر خان سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. انگريزن پهرين مير چاڪر کي ’خانصاحب‘ ۽ بعد ۾ ’خانبهادر‘ جو لقب ڏنو. انهيءَ سان گڏ کيس جيڪب آباد واري شاهي جرڳي جو ميمبر به مقرر ڪيو، جنهن تي سڄي عمر رهيو. ضلعي سطع تي روينيو ۽ انتظامي نوعيت جا فيصلا به مير چاڪر خان سهرياڻيءَ جي صلاح سان ٿيندا هئا. خان سهرياڻي'>چاڪر خان سهرياڻي 1928ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري هلچل دوران جوڙيل سنڌ آزاد ڪانفرنس جو سربراهه مقرر ٿيو. وڏي جاکوڙ بعد 1935ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿي، سندس منصف مزاجيءَ جي پيش نظر شاهي جرڳن ۾ ته سندس اهميت هئي. پر ان کان سواءِ به ماڻهو پنهنجا تڪرار نبيرڻ لاءِ مير چاڪر خان سهرياڻيءَ ڏانهن رجوع ڪندا هئا. سندس اوطاق عدالت جو ڏيک ڏيندي هئي. اوطاق تي ايندڙ مسافرن توڙي عام ماڻهن کي ماني ملندي هئي. انگريز سرڪار کيس فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا هئا.


لفظ چاڪر خان سهرياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو